حاجي ولي محمد نظاماڻي

حاجي ولي محمد نظاماڻي: حاجي ولي محمد نظاماڻي 14 جون 1937ع ۾ سانگهڙ شهر ۾ جنم ورتو، انهيءَ وقت برصغير ۾ انگريزن جو راڄ هو، سنڌ ۾ حُرن خلاف انگريزن جون ڪاروايون عروج تي هيون، حاجي ولي محمد ان وقت جي حُر ڪئمپن ۾ پڙهيو. پرائمري تعليم کپرو، وارهيه، سکر ۽ سانگهڙ جي (Concentration Camps) لوڙهن ۾ حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم نوابشاهه جي هاءِ اسڪول ۽ سانگهڙ جي لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول مان حاصل ڪيائين. فرسٽ ايئر گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۽ انٽر هالا ڪاليج مان ڪيائين، بي. اي سچل ڪاليج حيدرآباد ۽ ايم. اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. 10 جولاءِ 1958ع ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور ايڊيوڪيشن کاتي ۾ ڀرتي ٿيو، ترقي ڪندو ايس. ڊي. او شهدادپور ٿيو. 87- 1986ع ۾ نئين روشني پراجيڪٽ ۾ ڊي. پي. ايم مقرر ٿيو. هيءُ ڊي. سي. او مسجد اسڪول پڻ رهيو. 1991ع کان 1993ع تائين ڊي. اي. او جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ سندن گهڻو وقت مطالعي ۽ عبادت ۾ گذرندو آهي. حُر تحريڪ دوران ساڻس ۽ سندس خاندان ڪهڙين عقوبتن ۽ اذيتن مان گذريو، ان بابت سندس سوانح ’ڳالهيون من اندر جون‘ عنوان سان (استاد نظاماڻيءَ جي مرتب ڪيل) ڪتاب ’جي گهارياسين بند ۾‘ شايع ٿيل آهي. جنهن ۾ حاجي ولي محمد جو مختصر تعارف به شايع ٿيل آهي.


لفظ حاجي ولي محمد نظاماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.06.14  عيسوي

حاجي ولي محمد نظاماڻي 14 جون 1937ع ۾ سانگهڙ شهر ۾ جنم ورتو،


1958.07.10  عيسوي

10 جولاءِ 1958ع ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور ايڊيوڪيشن کاتي ۾ ڀرتي ٿيو،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه فيصل
پاٽائي مخدوم حسن الله صديقي
رشيد صديقي حافظ
جهانگيرعباسي
الاهي بخش خميساڻي جسٽس
ابڙو احمد خان شيدا
رحمت الله مخدوم صدر ٺٽوي
شبلي نعماني علام
بيجو باورا
آدم شاهه ڪلهوڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون